مهانگائي جي شرح ۾ گھٽتائي باوجود هفتي اندر 13 ضروري شيون مهانگيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شماريات واري وفاقي اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گھٽجڻ باوجود هڪ هفتي دوران 13 ضروري شيون مهانگيون ٿيون آهن.
رپورٽ موجب هاڻوڪي هفتي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.23 سيڪڙو گھٽتائي ٿي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح اڃا به 41.05 سيڪڙو آهي.
ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي دوران ملڪ ۾ 13 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي، 14 شين جي قيمتن ۾ گھٽتائي جڏهن ته 24 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.