شڪارپور: پيپلز پارٽي جي جيالن جي ڪار حادثي جو شڪار، 5 ڄڻا فوت

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ قومي شاهراهه جنون باءِ پاس واري هنڌ ڪار کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي تعلقي نوشهروفيروز جو صدر سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڪار سوار ڪوئيٽا کان يوم تاسيس ۾ شرڪت ڪرڻ بعد نوشهرو فيروز واپس اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو جنهن جي نوشهرو فيروز جو پ پ تعلقه صدر خليفو شڪيل احمد ميمڻ، پ پ يوٿ ونگ جو صدر نادر چانڊيو، جوجي سومرو، ڳهڻو تڳڙ ۽ مظفر ڀٽو فوت ٿي ويا.
فوتين جي مڙهه اڄ نوشهروفيروز جي چلڊرين پارڪ آند ويا جتي 4 ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن ته فوتي مظفر ڀتو جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ محبت ديرو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن بعد فوتين جا مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.