ڪراچي:پوليس اهلڪارن جي ڌاڙي ۾ ملوث هجڻ جو ٽيون واقعو سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن دوران پوليس جي ڌاڙي ۾ ملوث هجڻ جو ٽيون واقعو سامهون اچي ويو.
پوليس موجب ڌاڙي جي ڪيس ۾ گارڊن هيڊ ڪوارٽرز سان 2 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٽيپو سلطان روڊ تي ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدارن تيل سان ڀريل گاڏي کسي هئي ۽ ان واقعي ۾ ملوث ٻه پوليس ڪانسٽيل ملوث آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙي جي واردات ۾ ملوث اهلڪارن جي سڃاڻپ غالب ۽ نويد جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته واردات ۾ 5 جوابدار شامل هئا، هڪ جوابدار عمران کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن پوليس اهلڪارن بابت ٻڌايو.
پوليس موجب واقعي ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا مار ڪارروايون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.