چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ استعمال لاءِ مليل ٻه لگزري گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ استعمال لاءِ مختص ڪيل ٻه لگزري سرڪاري گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پاران ڪابينا جي سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کي خط لکيو ويو آهي.
خط جي متن موجب چيف جسٽس جي علم ۾ آيو آهي ته سپريم ڪورٽ چيف جسٽس لاءِ سيپٽمبر 2020ع ۾ لگزري گاڏيون خريد ڪيون هيون جن جي ماليت 6 ڪروڙ 10 لک رپيا آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس لاءِ هڪ نئين بلٽ پروف لگزري گاڏي به پنجاب حڪومت ڏني، ٻئي گاڏيون جي او آر لاهور ۾ سپريم ڪورٽ ريسٽ هائوس ۾ بيٺل آهن.
خط ۾ چيو ويو ته قاعدن موجب چيف جسٽس ۽ هر جج کي 2،2 گاڏيون ڏنيون ويون آهن پر چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهي لگزري گاڏيون استعمال ناهي ڪري رهيو، آئيني ۽ عوامي عهديدارن جي استعمال ۾ قيمتي امپورٽيڊ گاڏيون قومي ناڻي تي غير مناسب بار آهن ان ڪري چيف جسٽس هدايت ڪئي آهي ته ٻنهي گاڏين کي وڪرو ڪري رقم پبلڪ ٽرانسپورٽ تي خرچ ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.