پاڪستان موسمياتي تبديلين جا خطرناڪ نتيجا ڀوڳيا:برطانوي بادشاهه

دبئي (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي بادشاهه شاهه چارلس ٽئين ڪوپ 28 اجلاس ۾ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ٿيل تباهي جو ذڪر ڪندي دنيا جي آڏو مستقبل جي حڪمت عملي پيش ڪري ڇڏي.
گڏيل عرب امارتن ۾ موسمياتي تبديلين جي نقصانن جي ازالي لاءِ ٿيل ڪوپ 28 ڪانفرنس کي خطاب ڪندي برطانوي بادشاهه شاهه چارلس جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي ايندر نسلن لاءِ خطرناڪ مسئلو آهي، پيرس معاهدي ۾ دنيا جي وڏي مسئلي تي غور ڪيو.
هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان، بنگلاديش ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن بدترين ٻوڏ کي منهن ڏنو، پاڪستان موسمياتي تبديلين جا خطرناڪ نتيجا ڀوڳيا، ٻوڏ سبب پاڪستان کي شديد نقصان ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.