لاڳيتو واڌ کان پوءِ سون جي اگهه ۾ گھٽتائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ سون جي في تولي جي اگهه ۾ 500 رپيا گھٽتائي ٿي آهي جنهن کان پوءِ سون جي في تولي جي قيمت 2 لک 20 هزار 500 روپيا ٿي وئي آهي.
ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جو اگهه 429 رپيا گھٽجي هڪ لک 89 هزار 43 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻي پاسي عالمي بازار ۾ سون جو اگهه 4 ڊالر گھٽجي 2040 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.