موسمياتي تبديليون، سڄي دنيا ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ

جنيوار (ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي مليريا جي ڪيسن جي انگ ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئيآهي ۽ اهو موسمياتي تبديلين سبب ٿي رهيو آهي.
اها ڳالهه صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي.
عالمي اداري موجب 2022ع ۾ سڄي دنيا ۾ مليريا جا 24 ڪروڙ 90 لک ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 2021ع ۾ اهو انگ 24 ڪروڙ 40 لک هو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مليريا جا 94 سيڪڙو ڪيس (23 ڪروڙ 30 لک) آفريقا ۾ سامهون آيا جڏهن ته پاڪستان اهڙن ملڪن ۾ شامل آهي جتي اها بيماري گھڻي تيزي سان پکڙجي رهي آهي.
ڊبليو ايڇ او پاران موسمياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو ته جيئن مڇرن سبب پکڙجندڙ ان بيماري جا ڪيس گھٽجي سگھن.
صحت جي عالمي اداري چيو ته ٻوڏ ۽ گرمي پد ۾ واڌ سان مڇرن جي وڌي رهيا آهن جنهن جو نتيجو مليريا جي ڪيسن ۾ واڌ جي شڪل ۾ نڪري رهيو آهي.
رپورٽ موجب گرمي پد، گھم ۽ برساتن ۾ آيل تباهين سان مليريا پکيڙيندڙ مڇرن کي پکڙجڻ جو موقعو مليو آهي.
رپورٽ ۾ تنبيهه ڪئي وئي آهي ته موسمياتي رجحان جهڙوڪ ٻوڏ ۽ هيٽ ويوز سان بيماري جي پکڙجڻ تي سڌي ريت اثر پئجي رهيا آهن.
رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته 2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ پنجوڻ تي واڌ ڏٺي وئي.
پاڪستان ۾ 2021ع ۾ مليريا جي ڪيسن جو انگ 5 لک هو جيڪو 2022ع ۾ 262 لک تائين پهچي ويو.
ڊبليو ايڇ او جو چوڻ هو ته موسم ۾ تبديلي سان طبي سروسز تائين پهچي محدود ٿي سگھي ٿي جڏهن ته دوائن، ويڪسينز ۽ ٻين شين جي سپلاءِ متاثر ٿي سگھي ٿي.
عالمي اداري موجب موسمياتي تبديلين سبب پنهنجن علائقن مان ٻين هنڌن تي منتقل ٿيڻ سان به امڪاني طور تي مليريا جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي آهي.
2022ع ۾ مليريا سبب 6 لک 8 هزار فوتگيون ٿيون جڏهن ته 2021 ۾ اهو انگ 6 لک 10 هزار هو.
ظاهري طور تي اهو گھٽ آهي پر رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي مليريا سان فوتگين جي شرح هر هڪ لک مريضن ۾ 14.3 هئي جڏهن ته ان حوالي سان 6.6 جو هدف طئي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.