عالمي بئنڪ پاران سنڌ ۾ ڪجهه رٿائن ۾ سست رفتاري تي ڳڻتي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ ڏکڻ ايشيا جي علائقائي نائب صدر مارٽن رائيزر  وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ورلڊ بينڪ جي 2.2 ارب ڊالر جي پورٽ فوليو تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي جاري منصوبن تي ڪم تيز  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ورلڊ بئنڪ فنڊ جاري ڪرڻ شروع ڪندي ته جيئن منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪري سگهجي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ورلڊ بينڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهيسين، ڊرجيلس آپريشنز مئنيجر مسٽر گيليس (Mr Gilius) ۽ ٻين شرڪت ڪئي وڏي وزير عالمي بئنڪ تي زور ڀريو ته هو سنڌ جي اسٽنٽنگ کي گهٽائڻ لاءِ مدد ڪري ته جيئن صوبي کي صحتمند ٻار ۽ انساني سرمايو ملي سگهي. ورلڊ بينڪ جي ٽيم نشاندهي ڪئي ته انهن جا ڪجهه منصوبا سست رفتاري جو شڪار آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته نگران حڪومت جي شموليت سبب وڏي انگ ۾ آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون آهن جنهن سان منصوبن جي رفتار متاثر ٿي سگهي ٿي. چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو ورلڊ بينڪ پاران فنڊ جاري ڪرڻ ۾ دير کي منصوبي جي سست رفتاري جو بنيادي سبب قرار ڏنو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پي اينڊ ڊي ۽ ورلڊ بينڪ جي ٽيم سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪندي ۽ جاري منصوبن جي اڳڀرائي کي تيز ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.