ڏکڻ آفريڪا جو دورو:  ڀارت ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ايندڙ مهيني ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ ڀارت ٽيم جي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊز جو اعلان ڪيو ويو آهي.

بي سي سي آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما جي درخواست تي کين وائٽ بال سيريز ۾ آرام ڏنو ويو آهي، سوريا ڪمار ياديو ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جڏهن ته ڪي ايل راهول ون ڊي ٽيم جي قيادت ڪندو.

ان کانسواءِ، ڪي ايل راهول کي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ وڪيٽ ڪيپر طور پڻ رکيو ويو آهي، جڏهن ته مڊل آرڊر بيٽر رتو راج گائيڪواڙ کي پهريون ڀيرو شامل ڪيو ويو آهي.

پڌرائي موجب، تجربيڪار بيٽر چيتيشور پجارا ۽ اجنڪيا رهاني کي ٽيسٽ اسڪواڊ جاءِ ناهن ٺاهي سهگيا، جڏهن محمد شامي جي اسڪواڊ ۾ شموليت ميڊيڪل ڪليئرنس سان مشروط آهي.

ٽي ٽوئنٽي لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ سوريا ڪمار ياديو ڪپتان، يشسوي جيسوال، شُڀمَن گِل، رتو راج گائيڪواڙ، تلڪ ورما، رنڪو سنگهه، شرياس ائير، ايشان ڪِشن( وڪيٽ ڪيپر) کي سليڪٽ ڪيو ويو آهي.

ٻين رانديگرن ۾ جتيش شرما ( وڪيٽ ڪيپر ) رويندرا جاڙيجا ( نائب ڪپتان) واشنگٽن سندر، روي بشنوئي، ڪلديپ ياديو، ارشديپ سنگهه، محمد سراج، مڪيش ڪمار ۽ ديپڪ چاهڙ شامل آهن.

ڏکڻ آفريڪا خلاف 2ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ٽيم جي قيادت روهت شرما ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ شڀمَن گِل، يشسوي جيسوال، ويرات ڪوهلي، شرياس ائير، رتو راج گائيڪواڙ، ايشان ڪشن( وڪيٽ ڪيپر) شامل آهن.

ان کانسواءِ ڪي ايل راهول( وڪيٽ ڪيپر ) روي چندرن ايشون، رويندرا جاڙيجا، شاردل ٺاڪر، محمد سراج، مڪيش ڪمار، محمد شامي، جسريت بمرا ( نائب ڪپتان )، پراسيد ڪرشنا به ٽيم جو آهن.

ٽن ون ڊي ميچن لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ ڪي ايل راهول ڪپتان، رتو راج گائيڪواڙ، ساءِ سڌرشن، تلڪ ورما، رجت پاٽيدار، رنڪو سنگهه، شرياس ائير شامل آهن.

ان کانسواءِ سنجو سيمسن( وڪيٽ ڪيپر) اڪشر پٽيل، واشنگٽن سندر، ڪلديپ ياديو، يوزويندر چاهل، مڪيش ڪمار، اويش خان، ارشديد سنگهه ۽ ديپ چاهڙ به ون ڊي  اسڪواڊ جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.