ارباب رحيم به پي ٽي آءِ ڇڏي ڏني، ڪهڙي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار رهندڙ ارباب غلام رحيم به پي ٽي آءِ ڇڏيندي جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم پي ٽي آءِ کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا.
ارباب رحيم جي صدارت هيٺ ارباب فيملي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ کان عليحدگي اختيار ڪندي هن جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو.
ان موقعي تي ارباب غلام رحيم چيو ته پ پ سان ڪو رابطو ناهي ٿيو، نه ئي ڪنهن سياسي جماعت ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي، اسان پير پاڳاري سان گڏ آهيون ۽ ايندڙ چونڊ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان وڙهنداسين.
هن چيو ته بشير ميمڻ ن ليگ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، اسان پنهنجي جي ڊي اي سان گڏ آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.