دنيا جي سستن ترين شهرن ۾ پاڪستان جو ڪهڙو شهر شامل آهي؟

معيشت ۽ شماريات جي مستند ۽ مشهور اداري دنيا جي مهانگن ۽ سستن ترين شهرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ سستن ترين شهرن ۾ چوٿين نمبر تي پاڪستان جو هڪ شهر به شامل آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ جي سال 2023ع جي لسٽ ۾ 173 شهرن ۾ دنيا جو مهانگو ترين شهر سنگاپور ۽ زيورخ کي قرار ڏنو ويو آهي.
مهانگن ترين ملڪ جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي نيويارڪ ۽ جنيوا گڏيل طور تي هڪ نمبر تي آهن.
ان کانسواءِ هانگ ڪانگ، لاس اينجلس، پيرس، تل ابيب، ڪوپن هيگن ۽ سان فرانسسڪو به مهانگن ترين شهرن ۾ شامل آهن.
ان ڊيٽا لاءِ 14 آگسٽ کان 11 سيپٽمبر 2023ع دوران سروي ڪرائي وئي هئي جنهن م روز مرهه جي 200 ضروري شهين ۽ سروسز جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ 704 سيڪڙو تائين واڌ ٿي.
ٻي پاسي انهيءَ ڊيٽا تحت دنيا جي سستن ترين شهرن جي لسٽ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته شامي راڄڌاني دمشق لاڳيتو چوٿون ڀيرو سستو ترين شهر ثابت ٿيو ۽ ان کان پوءِ تهران اچي ٿو.
ليبيا جي راڄڌاني تريپولي ٽين، ڪراچي چوٿين، ازبڪستان جو تاشقند پنجين، تيونس ڇهين، لوساڪا ستين ۽ ڀارت جو احمد آباد اٺين نمبر تي آهي.
ان کانسواءِ دنيا جي سستن ترين شهرن ۾ نائين ۽ ڏهين نمبر تي ترتيبوار نائجيريا جو شهر لاگوس ۽ ڀارتي شهر چنائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.