دل جي دوري کان بچائيندڙ رت جي نئين ٽيسٽ

اينڊنبرا (ويب ڊيسڪ) محققن چيو آهي ته حادثن ۽ ايمرجنسي جي شعبي ۾ نئين حساس رت جي ٽيسٽ جو استعمال دل جي دوري جي بهتر سڃاڻپ ۽ علاج ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ دل جي دورن ۽ موت جي خطرن ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي.
اسڪاٽ لينڊ جي يونيورسٽي آف ايڊنبرا جي محققن جي اڳواڻي ۾ ڪيل تجربي ۾ نئين ٽيسٽ جو استعمال ڪندي ٽروپونن (دل جي زخمي ٿيڻ کان پوءِ رت ۾ خارج ٿيندڙ هڪ پروٽين) جي ماپ ايندڙ 5 سالن ۾ مريضن جي دل دورن جا خطرا 10 سيڪڙو تائين گھٽائي سگھي ٿي.
محققن موجب ان نئين ٽيسٽ گذريل ورجن جي ڀيٽ ۾ درست نتيجا پيش ڪيا ۽ جن مريضن کي سڀ وڌيڪ فائدو ٿيو انهن جي دل جي پٺن کي هارٽ فيليئر، دل جي وارن جي مسئلن ۽ آرهائٿمياس جهڙين ڪيفيت سان نقصان پهتو هو.
ان ٽيسٽ جي تاثير جو تعين ڪرڻ لاءِ محققن جي ٽيم سڄي اسڪاٽ لينڊ 10 حادثن ۽ ايمرجنسي وارن تقريبن 50 هزار ماڻهن جي ٽيسٽ جي نتيجن جو معائنو ڪيو. انهن ماڻهن کي 2013ع کان 2016ع وچ ۾ مبينا طور تي دل جو دورو پيو هو.
محققن ڊيٽا لوچ ڊيٽا سروس جو استعمال ڪيو ۽ سڀني مريضن جو پنجن سالن تائين معائنو ڪيو.
ٽيسٽ جي مدد سان ٽيم کي خبر پئي ته 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ٽروپونن جو مقدار وڌيڪ هو، جنهن جو اشارو دل جي زخمي ٿيڻ ڏانهن هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.