شاداب خان جو به ليگ ڪرڪيٽ نه کيڏڻ تي غور

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان سان آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ليگ بِگ بيش جي ٽيم ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز معاهدي لاءِ رابطو ڪيو آهي.

ذريعن موجب، ايڊيليڊ جي ٽيم شاداب خان کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي خواهشمند آهي.

ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز شاداب خان کي راشد خان جي متبادل طور ليگ کيڏڻ جي آڇ ڪئي آهي.

ذريعن موجب، شاداب خان اڃا تائين ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جي آڇ قبول ناهي ڪئي، آل رائونڊر آفر تي وجهن دوستن سان مشاورت ڪئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شاداب خان بگ بيش ليگ تي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏيڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ ڪرڪيٽر افتخار احمد، احمد شهزاد علائقائي سيزن کي ترجيح ڏيندي ٽي ٽوئنٽي ليگ کيڏڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.