ٻارڻ سان پيدا ٿيندڙ هوائي گدلاڻ سبب هر سال 50 لک ماڻهو فوت ٿيڻ جو انڪشاف

روايتي ٻارڻ سبب پيدا ٿيندڙ هوائي گدلاڻ سان هر سال سڄي دنيا ۾ 50 لک ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن.
اها ڳالهه ان حوالي سان ٿيل هيل تائين جي سڀ کان وڏي تحقيق ۾ سامهون آئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فوتگين جو انگ اڳوڻن اندازن کان گھڻو وڌيڪ آهي.
دبئي ۾ ٿيل ڪوپ 28 موسمياتي ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپيل ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته صنعتن، بجلي ٺاهڻ ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻارڻ سبب پيدا ٿيندڙ هوائي گدلاڻ سان سڄي دنيا ۾ 51 لک ماڻهو فوت ٿيندا آهن.
برٽس ميڊيڪل جرنل ۾ ڇپيل تحقيق موجب 2019ع ۾ هوائي گدلاڻ سان سڄي دنيا ۾ 83 لک ماڻهو فوت ٿيا جن مان 61 سيڪڙو موت روايتي ٻارڻ سبب ٿيا.
تحقيق ۾ چيو ويو ته روايتي ٻارڻ جو استعمال جيئن جو تيئن ختم ڪرڻ سان هوائي گدلاڻ جي ناڪاري اثرن ۾ نمايان گھٽتائي اچي سگھي ٿي.
محققن ٻڌايو ته نتيجن مان واضح ٿئي ٿو ته عالمي سطح تي روايتي ٻارڻ جي استعمال کي ختم ڪرڻ سان انساني صحت کي گھڻو فائدو ٿيندو.
هنن چيو ته ان ڊيٽا مان خبر پوي ٿي ته ماحول دوست توانائي جو استعمال وڌائڻ گھرجي.
اها ته پهريان کان خبر آهي ته هوائي گدلاڻ سبب ڪيترن ئي مرضن ۽ موت جو خطرو وڌندو آهي پر ان حوالي گھڻو ڪم ناهي ٿيو جنهن مان خبر پئجي سگھي ته هوائي گدلاڻ جو ڪهڙو قسم گھڻو نقصان رسائي رهيو آهي.
برطانيا، آمريڪا، جرمني، اسپين ۽ قبرص جي سائنسدانن تي ٻڌل ٽيم روايتي ٻارڻ سبب پيدا ٿيندڙ هوائي گدلاڻ جي اثرن جي جاچ لاءِ هڪ ماڊل استعمال ڪيو.
محققن موجب روايتي ٻارڻ جو استعمال ختم ڪرڻ سان هوائي گدلاڻ ۾ نمايان گھٽتائي اچي سگھي ٿي جنهن سان صحت تي هاڪاري اثر پوندا، نتيجن مان ثابت ٿئي ٿو ته هوائي گدلاڻ جي ان قسم سبب ٿينڙ فوتگين جو اڳوڻن ڪاٿن کان گھڻو وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.