ٽن ڏينهن لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي

بنون (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ٽن ڏينهن لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.
بنون ۾ وڌندڙ دهشتگردي جي واقعن کي ڏسندي ٽن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
سڄي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، جنهن تحت هٿيار رکڻ، ٻيلهه سواري ۽ گاڏين ۾ ڪارن شيشن جي استعمال تي پابندي هوندي.
ڊي سي شاهه سعود موجب قلم 144 3 ڊسمبر تائين لاڳو هوندو، اهو جاري پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن بنون ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ پوليو ٽيم جي ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪار مارجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.