ايف بي آر سان ڳالهيون ڪامياب، پي آءِ اي جا سمورا اڪائونٽ بحال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر طرفان سڄي ملڪ ۾ پي آءِ اي جا سمورا اڪائونٽ بحال ڪيا ويا.
پي آءِ اي انتظاميا يورپي سيفٽي ايجنسي اياسا جي آڊت دوران بدنظمي کان بچڻ لاءِ متحرڪ ٿي وئي.
پي آءِ اي جي چيف فنانشل آفيسر اڪائونٽن جي بحالي لاءِ ايف بي آر سان ڳالهيون ڪيون، ترجمان ٻڌايو ته رهتن جي ادائيگي لاءِ شيڊيول طئي ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.
پي آءِ اي ۽ ايف بي آر وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ تي پي آءِ اي جا سمورا اڪائونٽ بحال ڪيا ويا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايف بي آر سڄي ملڪ ۾ پي آءِ اي جا اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.