2023ع تاريخ جو گرم ترين سال قرار

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي عالمي موسمياتي اداري ( ڊبليو ايم او ) چيو آهي ته لڳ ڀڳ طئي آهي ته 2023ع تاريخ جو گرم ترين سال هوندو.

عالمي اداري خبردار ڪندي مستقبل ۾ ٻوڏ، ٻيلن ۾ باهيون، برف جو پگهرڻ ۽ هيٽ ويوز جهڙن واقعن جي شدت ۾ نمايان واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

اِها وارننگ ڊبليو ايڇ او طرفان دبئي ۾ ڪوپ 28 موسمياتي ڪانفرنس جي موقعي تي جاري ڪيل رپورٽ ڪئي وئي.

عالمي اداري جي رپورٽ موجب، پئرس معاهدي جي مقصدن جي حاصلات ۾ ناڪامي سبب هڪ ٻيو معاهدو ڪرڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ موسمياتي تبديلين جي بدترين اثرن کان بچڻ مشڪل هوندو.

رپورٽ جاري ڪرڻ کان اڳ ڊبليو ايم او جي سيڪريٽري جنرل پئٽري ٽالاس هڪ انٽرويو دوران چيو ته 2023ع ۾ عالمي گرمي پد صنعتي دور کان اڳ جي ڀيٽ ۾ 1 ڏهائي چار ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو، جيڪو 2015ع ۾ طئي ڪيل حد جي ويجهو آهي.

سندس چوڻ هو ته هاڻي اِهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ايندڙ چئن ورهين دوران گرمي پد ۾واڌ هڪ ڏهائي پنج ڊگري سينٽي گريڊ کي ڇهندي، گهٽ ۾ گهٽ عارضي طور تي ائين ضرور ٿيندو جڏهن ته ايندڙ ڏهاڪي دوران اِها واڌ مستقل ٿي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته ائين نظر اچي ٿو ته اسان پئرس معاهدي جي طئي ڪيل هدف کان اڳتي نڪرڻ وارا آهيون.

هن چيو ته اسان ٻه ڏهائي پنج کان ٽي ڊگري سينٽي گريڊ اضافي ڏانهن وڌي رهيا آهيون ۽ ان جو مطلب اِهو آهي ته موسمياتي تبديلين جا بدترين اثر سنگين ٿي ويندا.

ڊبليو ايم او رپورٽ موجب، 2015ع کان 2023ع انساني تاريخ جا گرم ترين سال رهيا آهن.

هاڻ ڊبليو ايم او جي 2023ع جي ڊيٽا آڪٽوبر تائين جي آهي پر عالمي اداري موجب، آخري ٻن مهينن دوران اهڙي ڪنهن به تبديلي جو امڪان نه آهي جيڪا هلندڙ سال کي گرم ترين ٿيڻ کان بچائي سگهي.

ياد رهي ته 2015ع واري پئرس مٿاهدي ۾ طئي ڪيو ويو هو ته عالمي گرمي پد کي هڪ ڏهائي پنج ڊگري سينٽي گريڊ کان اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.