”پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندڙ ليڊر کي پوئتي ڌڪيندڙ ڪيتريون ئي طاقتون موجود آهن“

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پ پ بلوچستان جي عوام کي صوبي جو مالڪ بڻائيندي، هتي گئس، پيٽرول ۽ معدنيات جو جيڪو ڪجهه به آهي اهو عوام جو آهي، ان تي ڪنهن ٻئي جو حق ناهي.
پ پ جي يوم تاسيس جي موقعي تي ڪوئيٽا ۾ جلسي سان خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان پاڪستان جي دل آهي پر افسوس ته اسلام آباد ۽ ٻين صوبن کي اها دل نظر نه پئي اچي، بلوچستان جي ڌرتي تي هڪ ڏک پکڙيل آهي، جنهن تي اسان کي مرهم رکڻو آهي، پ پ هتان جي عوام کي مالڪ بڻائيندي.
هن چيو ته بلاول ننڍي عمر ۾ پرڏيهي وزير بڻجي پاڪستان جي عزت بلند ڪئي، اسان کي بلاول کي سپورٽ ڪرڻو آهي ۽ ان جي تربيت ڪرڻي آهي، توهان به ڏسندئو ۽ مان به ڏسندس، اسان پاڪستان کي ٻيهر ري ڊيفائن ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته بلاول کي نوجوانن جو اڄ، سڀاڻي ۽ مستقبل جو ليڊر بڻائڻو آهي، بلاول کي نوجوانن جو ليڊر بڻائڻو آهي، قوم کي ليڊر هلائيندا آهن، اسان کي جيڪو ايندو آهي اهو بلاول کي منتقل ڪنداسين.
آصف زرداري چيو ته پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندڙ ليڊر کي پوئتي ڌڪيندڙ ڪيتريون ئي طاقتون موجود آهن، اسان جي اها ئي سوچ آهي ته اسان کي پاڪستان ٺاهڻو آهي، اسان دنيا جي نقشي تي عظيم ملڪ بڻجي اڀرنداسين، دنيا به چوندي ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.