چين ايلون مسڪ جي سيٽلائيٽ انٽرنيٽ نيٽورڪ کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ تيار

چين ڌرتي جي مدار ۾ سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن نيٽورڪ جي قيام جي ابتدائي مرحلو مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪميونيڪيشن نيٽورڪ جي مدد سان چين سان گڏوگڏ بيلٽ اينڊ روڊ پروجيڪٽ ۾ شامل ٻين ملڪن کي سيٽلائيٽ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪري سگهبي.
چين جي اِها رٿا ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس جي اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ سروس جو متبادل ثابت ٿيندي.
سيٽلائيٽ نيٽورڪ کي چائنا ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪارپوريشن تيار ڪئي آهي.
اداري موجب، نيٽورڪ ذريعي ايوي ايشن، ايمرجنسي سروسز ۽ توانائي سميت مختلف شعبن کي انٽرنيٽ سروس فراهم ڪئي ويندي.
ابتدائي نيٽورڪ ۾ چائنا سيٽ 19.16 ۽ 26 سيٽلائيٽس شامل آهن ۽ ان ذريعي چين سان گڏوگڏ روس، ڏکڻ اوڀر ايشيا، منگوليا، ڀارت هندي ۽ پيسفيڪ سمند وارن خطن ۾ انٽرنيٽ سروسز فراهم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.