مون وٽ ڪو ثبوت ناهي ته فيض آباد ڌرڻي ۾ آءِ ايس آءِ ملوث هئي: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته مون وٽ ڪو ثبوت ناهي ته فيض آباد ڌرڻي ۾ آءِ ايس آءِ ملوث هئي.
فيض آباد ڌرڻي بابت ڪميشن ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته 22 نومبر 2017 ۾ ڊي جي سي فيض حميد کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، وزيراعظم جي سربراهي ۾ اجلاس ۾ عسڪري قيادت به موجود هئي.
هن چيو ته مون وٽ ڪو ثبوت ناهي ته ڌرڻي ۾ آءِ ايس آءِ ملوث هئي، اڄ ڪميشن گهرايو هو، سوالنامو ڏنو ويو، جنهن جا جواب تيار ڪري ڏيندس.
سندس موجب حڪومت سمجهندي هئي ته معاهدي تي فوج جي اعليٰ آفيسر جون صحيحون نه هجڻ گهرجن، ٽي ايل پي ۽ پي ٽي آءِ جي پروپئگنڊا جو مقصد ن ليگ کي نشانو بڻائڻ هو.
احسن اقبال وڌيڪ چيو ته تڏهن اطلاع اچي رهيا هئا ته فرقن جي بنياد تي ڏڦيڙ وڌڻ جو خطرو آهي، اجلاس ۾ حڪومت اهو ئي سوچيو ته قانون واري وزير جي استعيفيٰ نٿي ٺهي، ان وقت پاڙي جي سطح تي ڏڦيڙ شروع ٿيڻ جو خطرو هو.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته جڏهن معاهدو ٿي رهيو هو ته اجلاس ۾ فيض حميد کي معاملي کي حتمي نتيجي تي آڻڻ جو چيو، سڀئي واقعا نواز شريف جي نااهلي سان شروع ٿيا، ن ليگ کي نشانو بڻايو ويو، فيض آباد ڌرڻو ان ئي آپريشن جو حصو هو، جنهن تحت حڪومت کي هٽائڻو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.