اوٻاوڙو:ڌاڙيلن هٿان عورت سميت 5 ڄڻا قتل، 4 ڌاڙيل مارجي ويا، 2 پوليس اهلڪار به شهيد

اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙو ڀرسان پنجاب جي علائقي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙيلن حملو ڪري عورت سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس مقابلي ۾ 4 ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته مقابلي دوران 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ حسين سولنگي ۾ ڪمند جي فصل ۾ لڪيل ڌاڙيلن حملو ڪري هڪ عورت سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتولن ۾ ۾ واٽهڙو عورت حميدان سيلرو، پرويز سولنگي، شعبان سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن.

ڌاڙيلن جي حملي کان پوءِ پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ 4 ڌاڙيل مارجي ويا جن ۾ بدنام ڌاڙيل سلطو شر جو ڀاءُ عمر شر، ڌاڙيل ڪرم علي ڪوش ۽ ٻيا شامل آهن.

مقابلي دوران ڌاڙيل جديد هٿيارن جو استعمال ڪندا رهيا مقابلي دوران ٻه پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.

ذريعن موجب ڪجهه مهينا اڳ کنڀڙا پوليس هٿان 4 ڌاڙيل مبينا مقابلي ۾ مارجي ويا هئا جنهن جو پلاند وٺڻ ڌاڙيلن پاران اڄ حملو ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.