هرٿيڪ روشن جي فلم ”وار2“ڪڏهن رليز ٿيندي؟ تاريخ سامهون اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار هرٿيڪ روشن جي بلاڪ بسٽر فلم ”وار 2“ جا پاسي چرچا آهن ۽ هاڻ فلم جي رليز جي تاريخ سامهون اچي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب هرٿيڪ روشن جي بلاڪ بسٽر فلم ”وار 2“ سال 2025ع ۾ 14 آگسٽ تي رليز ٿيندي جڏهن ته فلم جي شوٽنگ جي شروعات فيبروري 2024ع کان ٿيندي.
ڊائريڪٽر ايان 2023ع کان ئي فلم جي شوٽنگ شروع ڪرڻ چاهي پيو پر هرٿيڪ روشن ”فائٽر“جي شوٽنگ لاءِ اٽلي ۾ مصروف آهي.
ميگا ايڪشن ۽ ٿرلر فلم لاءِ اداڪارا ڪيارا اڊواني کي عورت جي مرڪزي ڪردار لاءِ فائنل ڪيوويو آهي.
اطلاعن موجب ”وار 2“ ۾ انڊسٽري جا وڏا سپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ سلمان خان به شامل هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.