”مان شاهه رخ خان جهڙو لڳان ٿو ته ان ۾ منهنجي غلطي ناهي“

پاڪستان جو ناليوارو ميزبان ۽ اداڪار ساحر لوڌي بالي ووڊ شاهه رخ خان سان پنهنجي مشابهت تي خوش ناهي، سندس چوڻ آهي ته ٻنهي جي ڪم جي صنف به صفا الڳ آهي.
ساحر لوڌي پوڊ ڪاسٽ شو ۾ شاهه رخ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن مان ان سان مليس ته اسان ٻنهي کِلي ڀاڪر پاتو، هن مون کي چيو ته توهان ڏاڍا سٺا نظر ايندا انسان آهيو، جنهن تي مان چيو ته توهان به ائين ئي آهيو سر.
شاهه رخ خان سان مشابهت بابت ساحر لوڌي چيو ته اها منهنجي غلطي ناهي ته مان ان جهڙو نظر اچان ٿو، شاهه رخ خان هڪ عظيم انسان آهي، هو پنهنجي روح سان گهري وابستگي رکي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪم ۾ اسان جون صنفون مختلف آهن، هو اداڪاري ڪندو آهي ۽ مان سدائين ميزباني ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.