ايف بي آر سڄي ملڪ ۾ پي آءِ اي جا اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سڄي ملڪ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جا اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا.
پي آءِ اي جون ڏکيائيون وڌي ويون، ايف بي آر سڄي ملڪ ۾ پي آءِ اي جا اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب پي آءِ اي کي مجموعي طور تي ساڍا 4 ارب رپيا ادائيگي ڪرڻي آهي، پي آءِ اي فيبروري کان وٺي هيل تائين ريٽرن فائل ناهن ڪيا، ٽربيونل جي آرڊر تي 2 ارب 70 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻا آهن پر ادائيگي نه هجڻ تي اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس او به پي آءِ اي جي جهازن کي ٻارڻ بند جي ڌمڪي ڏني آهي، پي ايس او 1.5 ارب رپين جي فوري طور ادائيگي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.