ن ليگ جي سنڌ ۾ اليڪشن ڪميشن کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سنڌ پنهنجا خدشا ۽ سفارشون اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون، بشير ميمڻ چيف اليڪشن ڪمشنر کي سنڌ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
ن ليگ سنڌ جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني سميت ٻيا موجود هئا.
ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بشير ميمڻ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪئي وڃي.
هن چيو ته اسان سنڌ جي نگران وڏي وزير جي اسٽاف کي ملاقات لاءِ چيو پر اسٽاف وڏي وزير کي اسان جي درخواست جو نه ٻڌايو، نگران وڏو وزير وقت ڏئي ها ته اسان اڄ اليڪشن ڪميشن نه اچون ها.
سندس چوڻ هو ته مقبول باقر کي بيورو ڪريسي يرغمال بڻايو آهي، سنڌ ۾ بيورو ڪريسي وڏي وزير کي مس گائيڊ ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.