روس ۾ چونڊون، روسي صدر آمريڪا کي خبردار ڪري ڇڏيو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا روس ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ مداخلت نه ڪري.
روسي صدر ولاديمير پيوٽن جاري ڪيل بيان ۾ مارچ 2024ع ۾ ٿيل چونڊن کان اڳ اولهه کي خبردار ڪندي چيو ته روس ۾ ڪنهن به غير ملڪي مداخلت کي جارحيت تصور ڪيو ويندو.
روسي صدر چيو ته اولهه روسوفوبيا ۾ مبتلا ٿي چڪو اهي، آمريڪا روس جي وسيع وسيلن کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ ۽ لٽڻ چاهي ٿو، ڪنهن به چونڊن ۾ مداخلت ڪئي ته ان کي جارحيت سمجهيو ويندو.
واضح رهي ته روس ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان خراب آهن ۽ روس کي اهم موقعن تي خدشا رهندا آهن ته آمريڪا روس کي نقصان رسائي سگھي ٿو.
ٻي پاسي روس يوڪرين جنگ ۾ به آمريڪا پاران يوڪرين کي مختلف طريقن سان امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.