اها ڪمپني، جنهن پنهنجي موٽر سائيڪل هڪ ئي ڌڪ ۾ 60 هزار رپيا مهانگي ڪري ڇڏي!

يونائيٽيڊ آٽوز پنهنجي موٽر سائيڪل ”يو ايس 150“ جي قيمت ۾ ڇرڪائيندڙ طور 60 هزار رپين جي واڌ ڪري ڇڏي.
ڪمپني طرفان اها موٽر سائيڪل ڪجهه مهينا اڳ ئي متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن جي قيمت واڌ کانپوءِ هاڻ 3 لک 30 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
يونائيٽيڊ آٽوز لاهور جي موٽر سائيڪل ساز ڪمپني آهي، جنهن طرفان اها موٽر سائيڪل هونڊا ۽ سوزوڪي جي 150 سي سي موٽر سائيڪلن سان مقابلي لاءِ لانچ ڪئي وئي هئي.
شروعات ۾ ان جي قيمت گهٽ رکي وئي هئي پر هاڻ واڌ کانپوءِ ان موٽر سائيڪل جي قيمت هونڊا ۽ سوزوڪي جي 150 سي سي موٽر سائيڪل جي ويجهو پهچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.