ڀارت ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو، ڪاروباري عورت ملازم کي جوتو چٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي هڪ ڪاروباري عورت پنهنجي ملازم کي جوتا چٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب 27 ورهين جي وڀوتي پٽيل نالي ان عورت جو واسطو گجرات رياست سان آهي، جنهن جي عرفيت رانيبه پٽيل آهي.
متاثر دلت نوجوان مختصر وقت لاءِ وڀوتي پٽيل وٽ ملازمت ڪئي هئي، اهڙي انسانيت لڄائيندڙ حرڪت ۾ وڀوتي جي 21 ورهين جي ڀاءُ اوم پٽيل عرف اوم سيتا پار ۽ 23 ورهين جي بزنس پارٽنر راج شالا به سندس ساٿ ڏنو، پوليس ٽنهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
وڀوتي پٽيل رانيبه انڊسٽريز پرائيويٽ لميٽيڊ جي مالڪياڻي آهي، جيڪا هڪ ٽائلز مينوفيڪچرنگ ڪمپني آهي.
نليش ڊلسانيه نالي متاثر شخص پوليس کي ٻڌايو ته هن 12 هزار رپيا ماهوار پگهار جي بنياد تي ٻن هفتن لاءِ ملازمت ڪئي هئي، آڪٽوبر جي منڍ ۾ کيس ملازمت ملي ۽ 18 آڪٽوبر تي کيس ڪڍيو ويو، جڏهن هو پنهنجي 16 ڏينهن جي پگهار وٺڻ ويو ته وڀوتي پٽيل ڪو واضح جواب نه ڏنو ۽ فون کڻڻ بند ڪري ڇڏي.
ٻه ڏينهن اڳ نليش ڊلسانيه پنهنجي وڏي ڀاءَ سان گڏ وڀوتي پٽيل جي آفيس ويو ۽ پگهار جو مطالبو ڪيو، جنهن تي وڀوتي، سندس ڀاءُ ۽ بزنس پارٽنر ٻنهي ڀائرن تي تشدد ڪيو.
ڊلسانيه موجب ٽنهي جوابدارن 6 کان 7 ماڻهن کي گهرايو، جن اسان ڀائرن کي بيلٽن سان تشدد جو نشانو بڻايو، ان دوران وڀوتي مون کي پنهنجو جوتو چٽڻ ۽ اهو وات ۾ وجهڻ تي مجبور ڪيو، هن اسان کي ڇڏيندي ڌمڪي ڏني ته اڳتي آفيس ۾ نظر آيا ته قتل ڪري ڇڏينديس.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.