سرفراز احمد آسٽريليا جي دوري کي چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته آسٽريليا جي سيريز ۾ بابر اعظم، شاهين آفريدي، اسٽيو سمٿ ۽ مچل اسٽارڪ مداحن جي ڌيان جو مرڪز هوندا.

هڪ بيان ۾ سرفراز احمد چيو ته بابر اعطم اسٽيو سمٿ ٻئي عالمي معيار جا بيٽر آهن، بينو قادر ٽرافيءَ ۾ ٻنهي رانديگرن کي لائيو ايڪشن ۾ ڏسڻ نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ بهترين موقعو هوندو.

سرفراز احمد چيو ته شاهين آفريدي ۽ مچل اسٽارڪ بهترين بالر آهن جيڪي ڪنهن به وقت مخالف ٽيم کي پريشان ڪري سگهن ٿا، شاهين گذريل سيريز ۾ ڊيوڊ وارنر خلاف شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو هو ۽ هن ڀيري به مداح شاهين ۽ وارنر جو ٽاڪرو ڏسڻ جا منتظر آهن.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته آسٽريليا جي ڪنڊيشنز سدائين چئلينجنگ هوندي آهي، ٻه ڀيرا آسٽريليا جو دورو ڪيو آهي، هتي سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.

سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽ پرستار سدائين ٽيم جي حمايت ڪندا آهن، يقين آهي ته آسٽريليا خلاف سيريز ۾ به فينز وڏي انگ ۾ اسٽيڊيم جو رخ ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.