ٽيسٽ ڪپتان بابر اعظم جي پوزيشن واضح ڪري ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود جو چوڻ آهي ته بابراعظم سان تمام گهڻي ذهني هم آهنگي آهي هو هڪ بهترين بيٽر ۽ اسان جي بيٽنگ جو ليڊر آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 نومبر تي آسٽريليا جي دوري تي رواني ٿيندي جتي هو ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 14 کان 18 ڊسمبر تائين پرٿ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ٽيسٽ 26 کان 30 ڊسمبر تائين ميلبورن ۾ ٿيندي جڏهن ته سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ٽي کان ست جنوري تائين ٽين ٽيسٽ جي ميزباني ڪندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود چيو ته آسٽريليا جي سيريز اسان سڀني لاءِ هڪ چئلينج آهي، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ شروع ٿي چڪي آهي، اسان شروعات سٺي آهي، فائنل کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

پنهنجي ٽيم ۾ واپسي بابت شان مسعود چيو ته نيوزيلينڊ جي دوري کانپوءِ ڊراپ ٿيو هيس، منهنجي واپسيءَ ۾ وقت لڳو، ڏيڍ سال کانپوءِ واپس آيو آهيان، پر جڏهن به موقعو مليو آهي پنهنجو حصو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان لاءِ کيڏڻ وڏي ڳالهه آهي، امام الحق ۽ عبدالله شفيق گڏ سٺو کيڏي رهيا آهن، علائقائي ڪرڪيٽ ون ڊائون پوزيشن تي کيڏندو آهيان، صائم ايوب باصلاحيت نوجوان آهي سندس بيٽنگ اپروچ شاندار آهي، بابر اعظم جي پوزيشن کي نه ڇيڙيو ويندو هو سڀ کان بهترين بيٽر آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته ذميواري کڻنداسين، جيڪو سٺو ناهي ٿي رهيو ان کي بهتر ڪنداسين، تنقيد يندي آهي پر تعميري تنقيد کي ضرور ڏسنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.