مسجدن ۾ آذان ڏيڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي پابندي واري درخواست رد

گجرات (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گجرات جي هاءِ ڪورٽ مسجد ۾ آذان دوران لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي پابندي لڳائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب گجرات هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سنيتا اگروال جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ هندو انتهاپسند جماعت بجرنگ دل جي پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن جي آذان دوران مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي پابندي لڳائڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.
بجرنگ دل پنهنجي درخواست کي عوام مفاد جي درخواست قرار ڏنو هو جنهن تي ٻڌڻي دوران عدالت ان کي مڪمل ناقص سوچ تي ٻڌل درخواست قرار ڏنو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لائوڊ اسپيڪر ذريعي آذان سان ماڻهو پريشاني کي منهن ڏين ٿا ان سان شهرين خاص ڪري ٻارن جي صحت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.
ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته درخواست گذار اهو سمجهڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي ته آذان لاءِ انساني آواز ڪيئن آواز کي خراب ڪري رهيو آهي، اسان اهو سمجهڻ کان قاصر آهيون ته لائوڊ اسپيڪر تي آذان ڏيندڙ انساني آواز صبح جو وقت ۾ ڪيئن گوڙ ۽ گدلاڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ ان سان انساني صحت تي ڪهڙا هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن؟.
عدالت درخواست گذار جي وڪيل کي چيو ته اوهان جي مندر ۾ صبح جو وقت آرتي دهل ۽ ميوزڪ سان ٿيندي آهي، ڪجهه هنڌن تي رات جي 3 وڳي به آرتي ٿيندي آهي ڇا اها ڪنهن گوڙ جو سبب ناهي بڻبي؟ ڇا اوهان مندي جي گھنٽ کي رڳو مندر جي اڱڻ تائين محدود ڪري سگھو ٿا.
عدالت چيو ته اها درخواست ڪنهن به طرح سان عوامي مفاد لاءِ ناهي، اهو هڪ عقيدو آهي ۽ اهو عمل ورهين کان هلندو پيو اچي، آذان رڳو 5 کان 10 منٽن جي هوندي آهي.
ان کان پوءِ عدالت درخواست کي رد ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.