ڪراچي: جناح اسپتال ۾ آندل ٻار سان زيادتي جي تصديق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ٻار ڇڏي فرار ٿيڻ جي واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوسٽ مارٽم ۾ ٻار سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي.
پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه موجب ٻار جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، ٻار تي تشدد جا ڪجهه نوان ۽ ڪجهه پراڻا نشان آهن.
هن ٻڌايو ته جسم جي مختلف حصن مان نمونا حاصل ڪيا ويا آهن ۽ ٻار جي موت جو ڪارڻ محفوظ ڪيو ويو آهي.
جناح اسپتال ۾ ٻار جو لاش ڇڏي فرار ٿيندڙ شڪي ماڻهن جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.