ڪراچي ڪنگز کي ٻيو وڏو جهٽڪو، محمد عامر به ٽيم ڇڏي ڏني

ڪراچي ڪنگز ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ڪنگز کي ٻيو جهٽڪو، اڳوڻي ڪپتان عماد وسيم کانپوءِ فاسٽ بالر محمد عامر به ٽيم کي ڇڏي ڏنو.

ذريعن موجب، پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل 9 جي ايندڙ ايڊيشن لاءِ محمد عامر جا ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز سان معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ هو پي ايس ايل 9 ۾ ڪوئيٽا طرفان ايڪشن ۾ هوندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد عامر ۽ سرفراز احمد وچ ۾ سٺا لاڳاپا هئڻ سبب کيس ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو حصو بڻايو ويو آهي.

ٻئي پاسي عماد وسيم جي وڃڻ کانپوءِ ڪراچي ڪنگز طرفان ملتان سلطانز سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ شان مسعود کي ٽريڊ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل 9 ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتاني شان مسعود کي ڏيڻ جو امڪان آهي ۽ امڪاني طور تي طيب طاهر کي ملتان سلطانز سان ٽريڊ ڪيو ويندو.

پي ايس ايل 9 جي ڊرافٽنگ 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ڪرائڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.