ائين سمجهيو ويندو آهي ته انٽرنيٽ، سمارٽ فونز ۽ سوشل ميڊيا اپيس جو گھڻو استعمال ذهني صحت کي نقصان رسائيندو آهي.
پر آڪسفورڊ انٽرنيٽ انسٽيٽيوٽ جي نئين تحقيق ۾ ان خيال کي رد ڪيو ويو آهي.
ان تحقيق ۾ سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ انٽرنيٽ جي استعمال ۽ ذهني صحت تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو هو.
ان تحقيق لاءِ 168 ملڪن جي 15 مان 89 سالن جي عمر جي 24 لک ماڻهن جي 2005ع کان 2022ع تائين ذهني صحت جي طبي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته اهڙيون شاهديون نه هجڻ جي برابر آهن جنهن مان ثابت ٿئي ته انٽرنيٽ جو گھڻو استعمال ذهني صحت تي ناڪاري اثر وجهي ٿو.
محققن ٻڌايو ته اسان ٽيڪنالوجي ۽ ذهني صحت جي مسئلن وچ ۾ واسطو ڳولڻ لاءِ سخت محنت ڪئي پر دريافت نه ڪري سگھيا.
تحقيق دوران 2000ع کان 2019ع وچ ۾ 200 ملڪن ۾ ذهني صحت جي مسئلن جهڙوڪ ڊپريشن ۽ انزائٽي جي شرح جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪئي وئي.
ان ڊيٽا جي ڀيٽ ان عرصي ۾ انٽرنيٽ جي استعمال جي شرح سان ڪيو ويو.
محققن موجب تحقيق ۾ اهڙيون شاهديون ناهن ملي سگھيون جيڪو ان خيال کي درست ثابت ڪنديون هجن ته انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالوجيز جهڙوڪ سمارٽ فون سان سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي شخصيت يا ذهني صحت کي نقصان پهچندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اهڙيون شاهديون ناهن مليو جن مان ثابت ٿئي ته مخصوص عمر جي ماڻهن جهڙوڪ نوجوانن جي ذهني صحت کي انٽرنيٽ جي گھڻي استعمال سان خطرو هجي.
محققن ٽيڪنالوجي ڪمپنين کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجي ڊيٽا جي حوالي سان شفافيت کي يقيني بنائين.
سندن چوڻ هو ته انٽرنيٽ ٽيڪنالوجيز جي اثرن جي حوالي سان تحقيقي ڪم گھڻو ناهي ٿيندو ڇو جو ڪمپنين پاران ڊيٽا کي لڪائي رکيو ويندو آهي، جيڪو ڪنهن تحقيق لاءِ ضروري هوندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجن کان هٽي ڪري سوشل ميڊيا ڪمپنيون سالن کان تنقيد جي وڪڙ ۾ آهن ڇو انهن کي نوجوان نسل جي ذهني صحت جي مسئلن جو ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي.
2021ع ۾ هڪ رپورٽ ۾ فيسبڪ جي اندروني دستاويزن جي حوالي سان ٻڌايو ويو هو ته انسٽاگرام استعمال ڪندڙ 32 سيڪڙو ڇوڪريون پنهنجي شخصيت جي ڀيٽ ٻين سان ڪرڻ کان پوءِ احساس ڪمتري جو شڪار ٿي وينديون آهن.
آڪٽوبر 2023 ۾ مختلف آمريڪي رياستن ميٽا جي خلاف ڪيس داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو هو ته انهن جو سوشل ميڊيا ايپس نوجوانن جي ذهني صحت کي نقصان پهچائي رهيون آهن.
ڪيس جي دستاويزن موجب ڪمپني پاران ڄاڻي واڻي اهڙا فيچرز ڊزائين ڪيا ويندا آهن جيڪي نوجوانن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو عادي بڻائي ڇڏينديون آهن.
You might also like