واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا سان واسطو رکندڙ 2 سالن جي ٻارڙي جي ذهانت سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.
گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب آمريڪي رياست ڪينٽڪي سان واسطو رکندڙ 2 ورهين جي ٻارڙي ”اسلا ميڪ ناب“ عالمي تنظيم جي ننڍي ترين ذهين ميمبر آهي.
مينسا دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ قديم ترين هاءِ آءِ ڪيو سوسائٽي آهي ۽ دنيا جي 100 ملڪ مان هڪ لک 40 هزار ذهين ترين ماڻهو ان تنظيم جا ميمبرز آهن.
مينسا جو ميمبر بڻجڻ لاءِ ذهانت جي معياري آءِ ڪيو ٽيسٽ 98 سيڪڙو کان وڌيڪ نمبرز سان پاس ڪرڻي پوندي هئي ۽ 2 ورهين جي اسلام ميڪ پنهنجي عمر جي گروپ ٽيسٽ ۾ 99 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا.
گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب ٻارڙي جي والدين کي سندس ذهانت جو اندازو تڏهن ٿيو جڏهن هوءَ هر شيءِ تي نظر رکندي هئي ۽ ان کي فوري ياد ڪري وٺندي هئي ۽ رڳو هڪ سال جي عمر ۾ اسلا ميڪ رنگ، نمبر ۽ سورتخطي سکڻ شروع ڪري ڇڏي هئي.
اهو ئي سبب آهي جو گنيز ورلڊ رڪارڊ اسلام ميڪ ناب جو نالو مينسا ۾ سڀ کان ننڍي عمر جي زهين ترين شخص جي طور تي پنهنجي ڪتاب ۾ درج ڪري ورتو آهي.
You might also like