اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي کيس آجو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي ايون فيلڊ ۽ العزيزيا ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب کي ثابت ڪرڻو هو ته نواز شريف پراپرٽيز جي خريداري لاءِ ادائيگي ڪئي، سڀ کان اهم ڳالهه انهن پراپرٽيز جي اونرشپ جو سوال آهي، نه زباني نه دستاويزي ثبوت آهي ته اهي پراپرٽيز ڪڏهن نواز شريف جون هيون.
امجد پرويز جي دليلن تي چيف جسٽس فاروق فاروق سوال ڪيو ته اهو سڄو پراسيڪيوشن جو ڪم آهي؟ جنهن تي امجد پرويز چيو ته جي بلڪل اهو سڀ پراسيڪيوشن کي ئي ثابت ڪرڻو پوندو آهي، ڪورٽ مفروضي تي سزا ڏني ۽ فيصلي ۾ ثبوت بدران عام ڳالهه لکي.
نواز شريف جي وڪيل وڌيڪ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ نيب جوابدار آءِ بي جي اڳوڻي سربراهه بريگيڊيئر (ر) امتياز کي بري ڪيو، ان بنياد تي بريت ٿي ته جوابدار جي مبينا ملڪيتن جي قيمت ۽ آمدني جو پتو لڳائڻ بنا ريفرنس داخل ڪيو.
ٻڌڻي دوران امجد پرويز مريم نواز جي هاءِ ڪورٽ مان بريت جو فيصلو پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي مريم نواز کي بري ڪيو هو، عدالت لکيو ته فريادي جي موقف کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪو هڪ دستاويز موجود ناهي.
عدالت امجد پرويز ايڊووڪيٽ جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ٻڌايل سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن نيب فليگ شپ ريفرنس ۾ به نواز شريف جي بريت خلاف اپيل واپس وٺي ڇڏي.