ويرات ڪوهلي ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز نه کيڏندو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي پاران ڏکڻ آفريڪا خلاف وائٽ بال سيريز بريڪ وٺڻ جو امڪان آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ويرات ڪوهلي رڳو ٽيسٽ سيريز جو حصو هوندو، هن پنهنجي فيصلي بابت ڀارتي بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ويرات ڪوهلي بورڊ کان وائٽ بال سيريز تان بريڪ وٺڻ جون ڳالهيون ڪيون آحن، هو باڪسنگ ڊي کان سينچورين ۾ شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ جو حصو هوندو.

واضح رهي ته ويرات ڪوهلي اڄڪلهه لنڊن ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جي به موجودگيءَ بابت اڃا ڪجهه واضح نه آهي، هو به انگلينڊ ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهي.

ڀارتي بورڊ جي سيڪريٽري جئه شاهه جلد روهت شرما سان سندس وائٽ بال ڪرڪيٽ جي مستقبل بابت ڳالهائيندو.

ياد رهي ته ڀارتي ٽيم ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران 2 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ڏهه ڊسمبر کان ڊربن م شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.