ڀارتي بورڊ راهول ڊريوڊ جي مستقبل بابت فيصلو ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا ( بي سي سي آءِ ) ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

بي سي سي آءِ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته راهول ڊريوڊ سان ڪانٽريڪٽ واري معاملي تي ڳالهه ٻول مڪمل ٿي وئي آهي.

ڀارت بورڊ موجب، راهول ڊريوڊ جو ڪانٽريڪٽ ورلڊ ڪپ جي پڄاڻي تي ختم ٿي ويو هو.

بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه جو چوڻ آهي ته هيڊ ڪوچ جي عهدي لاءِ راهول ڊريوڊ کان وڌيڪ ٻيو ڪو بهتر آپشن نه آهي.

جئه شاهه موجب، راهول ڊريوڊ ٽيم جي ڪارڪردگي سان پنهنجي سليڪشن کي درست ثابت ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.