لاهور (عوامي آواز نيوز) اداڪاره حاجره خان، عمران خان بابت اهم انڪشافن تي ٻڌل ڪتاب جي مهورتي تقريب کانپوءِ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ اعلان ڪيو آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪي ڳالهيون لکيون آهن انهن جا وٽس ثبوت آهن، انتظار آهي ته ڪير مون کي عدالت ۾چئلينج ڪري ته ثبوت سامهون آڻيان.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ک يس عدالت ۾ چئلينج نه ڪيو ته هوءَ پاڻ عدالت ۾ويندي ۽ ثبوتن آڌار عمران خان کي بدڪردار ثابت ڪندي جڏهن ته منهنجي عدالت پهچڻ کانپوءِ ٻيون عورتون به ثبوتن سميت سامهون اينديون ۽ عدالت ذريعي عمران خان جو اصل چهرو قوم سامهون آڻينديون.
نوٽ: هيءَ روزاني عوامي آواز اربع 29 نومبر 2023 تي شايع ٿي