سول، ملٽري ادارن ۽ معيشت۾ سڌارن لاءِ قومي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو

لاهور (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري انٽرويوءَ ۾ مستقبل جي حڪومتي جوڙ جڪ بابت انتهائي  اهم ڳالهه اها ڪئي هئي ته چونڊن بعد قومي حڪومت ٺهندي، جنهن ۾ سڀ سياسي پارٽيون شامل هونديون، پر اها اهم ڳالهه ان ڪري دٻجي وئي ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو ۾ اختلافن تي بحث مباحثا شروع ٿي ويا.

نامياري صحافي معظم فخر جو  چوڻ آهي ته هاڻي آصف علي زرداري واري چيل ڳالهه آهستي آهستي اهم حلقن مان ٻاهر اچڻ شروع ٿي وئي آهي، اهم ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي دوستن جي صلاح سان سياستدانن کي به قائل ڪيو ويو آهي ته چونڊ نتيجين  تي ڪو به ادارو اثر انداز نه ٿيندو.

جيڪا پارٽي  اڪثريت حاصل ڪري  اها وزيراعظم لاءِ 3 نالا ڏيندي۽  ٻين  پارٽين کي به گڏ کڻي گهٽ ۾ گهٽ 5 سالن لاءِ قومي حڪومت ٺاهيندي. جيئن اول ته ملڪ کي معاشي طور گڏجي مضبوط ڪري سگهجي. ان بعد سول ۽ ملٽري بيروو ڪريسي ۾ ادارا جاتي سڌارا آندا وڃن. اهم ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ جي اعتدال پسند قيادت کي به قومي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اعتدال پسند ڌڙي عمران خان کي به راضي ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ عمران خان ايندڙ مهيني  وڊيو پيغام جاري ڪري چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪندو. ايندڙ وسيع البنياد حڪومت جي ڪابينا 30وزيرن کان وڌيڪ نه هوندي ۽ 6 مهينن اندر مڪاني چونڊون ڪرائي فنڊ هيٺين سطح تي منتقل ڪيا ويندا. جيئن عوام کي فائدو پهچي سگهي، پرڏيهي دوستن جي صلاحن تي ايندڙ 5 سالن جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.

جنهن ببات آصف علي زرداري کي ضرور ڄاڻ هئي ان ڪري انٽرويوءَ ۾ هن اها ڳالهه چئي هئي. ڇو ته پرڏيهي دوستن ئي اسٽيبلشميٽ کي باور ڪرايو آهي ته ان حڪمت عملي بنا معاشي ترقي ۽ عوامي ڀلائي ممڪن نه آهي.

نوٽ: هيءَ روزاني عوامي آواز اربع 29 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.