اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جو احتجاجي ڪئمپ ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. صحافي حامد مير گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندي گم ٿيلن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هوڏانهن جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته بلوچستان ۾ جبري گمشدگين سان گڏ عدالت کان مٿانهان قتل هاڻي روز جو معمول بڻجي ويو آهي، سي ٽي ڊي هٿان بالاچ بلوچ جو قتل ان جو واضح ثبوت آهي، بلوچستان کي بنا آئين جي سرزمين بڻايو ويو آهي، جبري گمشده ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ عدالت کان مٿانهن قتلن جو سلسلو بند ڪيو وڃي.هن چيو ته انشاءَ الله اڄ متاثرن سان گڏ اسلام آباد پريس ڪلب آڏو ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندس.