اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي تيزي جاري، 61 هزار پوائنٽن جي حد به پار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ 100 انڊيڪس 61 هزارن جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن کان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس روز بلند ترين سطح پار ڪري رهيو آهي ۽ اڱاري ڏينهن به ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح 60 هزار 845 تي پهچي ويو پر ڪاروبار جي پڄاڻي 918 پوائنٽن جي واڌ سان رڪارڊ 60 هزار 730 تي ٿي.
اڄ اربع ڏينهن به ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي ۽ 100 انڊيڪس ۾ 323 پوائنٽن جي واڌ ٿي، جنهن سان انڊيڪس 61 هزارن جي سطح پار ڪري نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.