شادي تقريب ۾ گھوٽ قتل عام ڪري ڇڏيو

ٿائلينڊ ۾ شادي جي تقريب دوران گھوٽ ڪنوار، سس ۽ سالي سميت پنجن ڄڻن کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب قتل عام جو اهو واقعو وانگ نم کيو جي علائقي ۾ پيش آيو جتي نئين وهاميل جوڙي وچ ۾ جهيڙو ٿيو.
نشي ۾ ڌت گھوٽ ڪاوڙ ۾ اچي پنڊال ۾ فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ڪنوار، سس ۽ سالي مارجي ويا.

Thai groom kills his bride, her mother, sister and guest at his wedding  then commits suicide
گھوٽ مائٽن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي به گولي هڻي زندگي جو انت آندو. پوليس کي واقعي واري هنڌ تان گولين جا 11 خول مليا.
پرڏيهي ميڊيا موجب چترونگ ۽ ڪنچنا شادي کان اڳ 3 سال گڏ رهيا.
چتروڪ گذريل سال انڊونيشيا ۾ آسيان پيرا گيمز ۾ ترڻ ۾ چاندي جو تمغو کٽيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.