”آسٽريليا ۾ شڪست جي ذميواري مون تي هوندي ۽ ڪاميابي جو ڪريڊٽ نه کڻندس“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر محمد حفيظ چيو آهي ته آسٽريليا ۾ شڪست جي ذميواري مان پاڻ کڻندس ۽ ڪاميابي جو ڪريڊٽ منهنجي ذمي ناهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد حفيظ چيو ته جڏهن وڃائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي ته ٽيمون سٺو پرفارم ڪنديون آهن، ٽيم جو مائينڊ سيٽ ڪليئر آهي، اسان گڏجي بهترين نتيجن جي ڪوشش ڪنداسين.
هن چيو ته آسٽريليا جي دوري لاءِ ڪو هڪ رانديگر ٽارگيٽ تي ناهي، رڳو نيٿن ليون خلاف ٽارگيٽ سيٽ ناهي ڪيو پر سڄي آسٽريلوي ٽيم خلاف پلان تيار ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته مان هتي نوڪري ڪرڻ ناهيان آيو، خدمت ڪرڻ آيو آهيان، هاڪاري تنقيد ڪئي وڃي ته مزو ايندو، ان جو جواب به ڏيندس، ٽيم ڊائريڪٽر کي رول پلان ڏيڻو هوندو آهي، اسان جي پلان ۾ في الحال هيڊ ڪوچ جي جاءِ ناهي.
محمد حفيظ چيو ڊوميسٽڪ ۾ پرفارم ڪندڙن جو ٽيم ۾ اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، حقدار کي حق ملي ته نتيجو سٺو هوندو آهي، ڊوميسٽڪ جي پرفارمرز کي عزت ڏينداسين ته سٺو ٿيندو، اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي خيالن جو احترام ڪيان ٿو.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته شان مسعود ۽ بابر اعظم ۾ سٺا لاڳاپا آهن، بابر جي بيٽر طور خدمتن کي نٿو وساري سگهجي، بابر اعظم جي راند هاڻي نکرندي، سڀني لاءِ پاڪستان اهم آهي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ وارن رانديگرن لاءِ پهرين ترجيح پاڪستان هجڻ گهرجي.
ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.