وري والدين جي مرضي سان شادي ڪنديس: نمرا خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اداڪارا نمرا خان چيو آهي ته اڄ به والدين جي مرضي موجب شادي ڪرڻ تي يقين رکان ٿي.

هن چيو ته اهو سچ آهي ته سندس پوئين شاديءَ جو تجربو تمام تلخ هو ۽ جيڪڏهن هو ٻي شادي ڪندي ته هو پنهنجي والدين جي مرضي کي سامهون رکندي پر شادي کان اڳ هو چاهيندي ته سڀ کان پهريان ان شخص بابت ڄاڻي وٺان.

هن پنهنجي اڳوڻي مڙس جي الزام کي رد ڪندي چيو ته هن زندگي ۾ ڪڏهن به منشيات نه ورتي آهي ۽ نه ئي نشي جي حالت ۾ وڊيو ٺاهي آهي.

هن چيو ته اڳوڻي مڙس پاران اهڙا الزام بي بنياد ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.