ڪراچي جي نوجوان بيٽر ”شاٽ آف دي ٽورنامينٽ“ کيڏي سڀني جون دليون کٽي ورتيون، وڊيو ڏسو

نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ڪراچي وائٽس جي نوجوان بيٽر عماد ايترو خوبصورت ڇڪو لڳايو جو شوقين ان کي ”شاٽ آف دي ٽورنامينٽ“ قرار ڏئي رهيا آهن.
پي سي بي طرفان به نوجوان بيٽر جي جارحاڻي اننگز جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي آهي، ڪراچي جي اڀرندڙ بيٽر عماد عالم پنهنجي جارحاڻي اننگز سان حيدرآباد جي بالرن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا، هن گرائونڊ جي چئني پاسن ڏانهن زبردست اسٽروڪس کيڏيا.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عماد حيدرآباد جي فاسٽ بالر کي تيز بال تي سڌو ڇڪو هنيو، ان جي ڊرائيو جو انداز ايترو خوبصورت هو جو شوقين واهه واهه ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا.
ڪيترن ئي واهپيدارن ان کي شاٽ آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو آهي.
عماد 33 بالن تي 55 رنسن جي اننگز کيڏيندي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.