پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي شهر ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي رحماني خيل ۾ عورتن سميت هڪ ئي گهر جي 4 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب پنيالا ٿاڻي جي حدن رحماني خيل ۾ مڙس پنهنجي گهر ۾ بيدردي سان پنهنجي زال کي قتل ڪيو.
بعد ۾ مقتولا عورت جي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻويي جي گهر اچي گهر ۾ موجود پنهنجي ڀيڻ جي سس، سهري ۽ نيڻان کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مڙس هٿان قتل ٿيل عورت ڳورهاري هئي.
زال کي قتل ڪندڙ طوفان نالي شخص اڳ به مختلف واقعن ۾ ملوث هو.
پوليس جوابدارن جي ڳولا ڪري رهي آهي.