طلاقيل سان شادي ڪرڻ سنت آهي:نمرا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا نمرا خان پهريون ڀيرو طلاق ۽ شادي تي کُلي ڪري ڳالهائيندي چيو آهي ته هوءَ پهرين مڙس کي شادي کان اڳ نه سڃاڻيندي هئي هاڻي هوءَ جڏهن به شادي ڪندي ته سوچي سمجهي ڪندي ۽ پهريان ان شخص کي مڪمل طرح سان ڄاڻيندي.
نمرا خان جي مڙس راجا اعظم آگسٽ 2021ع ۾ طلاق جي تصديق ڪئي هئي.
نمرا خان ۽ راجا اعظم آگسٽ 2020ع ۾ سادگي سان شادي ڪئي هئي پر بدقسمتي سان سندن شادي هڪ سال به نه هلي سگھي.
طلاق کان پوءِ نمرا خان ڪجهه عرصي لاءِ شوبز کان پري ٿي وئي هئي، پر هاڻي هن پهريون ڀيرو طلاق ۽ ٻي شادي جي معاملي تي کُلي ڪري ڳالهايو آهي.
نمران خان تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ٻي شادي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته مرد اهو ياد رکن ته طلاقيل عورت سان شادي ڪرڻ سنت آهي.
هن طلاق تي ڳالهائيندي چيو ته هوءَ اڳ به ٻڌائي چڪي آهي ته مُئل ڇوڪري کان طلاقيل بهتر هوندي آهي ۽ والدين کي به اها ڳالهه سمجهڻ گھرجي ته ٻارن جي زندگي سڀ کان اهم ۽ قيمتي هوندي آهي.
اداڪارا موجب معاشري ۾ طلاق کي داغ جي صورت ۾ ڏٺو ويندو آهي پر طلاق کان پوءِ زندگي ختم ناهي ٿيندي ۽ اهو ته طلاقيل شخص سان شادي ڪرڻ سنت آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن واضح ڪيو ته سندس پهرين شادي گھر وارن جي راضپي سان ٿي هئي ۽ هن جي به اها ئي خواهش هئي ته شادي سندس والدين جي پسند سان ٿئي.
هن واضح ڪيو ته هوءَ مڙس کي شادي کان اڳ نه سڃاڻيندي هئي پر هاڻي جڏهن به هوءَ شادي ڪندي پهريان مڙس بابت پوري ڄاڻ حاصل ڪندي.
نمرا خان جو چوڻ هو ته هوءَ بلڪل ٻي شادي ڪندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته هوءَ ٻئي ڀيري ڄاڻايل پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت وقت شادي ڪري چڪي هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.