انساني سمگلنگ ۾ ملوث 4 اشتهاري جوابدار گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ٻن عدالتي اشتهارين سميت انساني سمگلنگ ۾ ملوث 4 اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل لاهور ۾ ڪارروائيون ڪندي انساني سمگلنگ سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ ٻه عدالتي اشتهاري شامل آهن.
ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ محمد ريحان، شهباز علي، طيب علي ۽ شهباز شامل آهن، بدنام زمانه عدالتي اشتهاري طيب علي خلاف ڪيترائي ڪيس داخل هئا.
اختيارين موجب جوابدارن کي شيخوپورا، لاهور ۽ چنيوٽ جي مختلف علائقن مان گرفتار ڪيو ويو، هو ٻاهرئين ملڪ ملازمت جو ڏٽو ڏئي شهرين کان لکين رپيا ڦٻائيندا هئا.
ايف آءِ اي اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته عدالتي اشتهاري طيب علي خلاف 5 ڪيس داخل هئا، جوابدار ڪيترن ئي شهرين سان عمري جي نالي تي لکين رپين جو فراڊ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.