اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان کي پيش 6 وڏن مسئلن جي نشاهدي ڪري ڇڏي، مسئلن ۾ هيومن ڪيپٽل جو بحران، بلند مالي خسارا، قرض ۽ گردشي قرض شامل آهن.
عالمي بئنڪ پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ امڪاني سڌارن تي ٻڌل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پاڪستان کي پيش 6 وڏن مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو سرڪاري شعبو غير اثرائتو آهي، پاليسي فيصلن جو محور ذاتي مفاد آهن، پاڪستان هيومن ڪيپٽل جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، دستياب انساني وسيلن جو گهٽ استعمال پيداوار ۽ ترقي کي متاثر ڪري رهيو آهي.
عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جا 40 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار آهن، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻه ڪروڙ کان مٿي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ 10 سالن کان گهٽ عمر جا 79 سيڪڙو ٻار پڙهڻ جي صلاحيت کان محروم آهن.
پاڪستان بلند مالي خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي، مالي سال 2022 جي پڄاڻي تائين مالي خسارو 22 سالن جي بلند ترين شرح 7.9 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي.
پاڪستان جي ذمي قرض مقرر قانوني حد کان وڌيڪ 78 سيڪڙو جي بلند شرح تي رڪارڊ ڪيا ويا، پاليسين ۾ عدم تسلسل جو سبب سيڙپڪاري ۽ برآمدن جو فقدان آهي.
پاڪستان جو زعي شعبو غير پيداواري جو شڪار آهي، جنهن جو جي ڊي سي ۾ حصو 23 سيڪڙو آهي، شعبو 40 سيڪڙو ليبر فورس کي روزگار فراهم ڪندو آهي.
توانائي جو شعبو معيشت تي بار آهي، توانائي شعبي ۾ گردشي قرض مالي ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي.
You might also like